لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ پاڪستان 31 رنز تان کٽي سيريز ۾ زيرو جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنز ٺاهيون. جيڪو پاڪستان جو ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڏو اسڪور آهي. اڳ ۾ 205 جو هاءِ اسڪور هو. انگلينڊ جي پوري ٽيم ويهين اوور ۾ 201 تي آل آئوٽ ٿي وئي. انگلينڊ جي آل رائونڊر ليام ليونگسٽون 9 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 39 بالن تي 103 رنز ٺاهيون پر سندس سينچري به ٽيم کي ڪامياب نه ڪري سگهي. جيسن راءِ 32، مورگن ۽ ويلي 16، 16 رنز ٺاهي نمايان رهيا. شاهين آفريدي ۽ شاداب خان ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون، حسنين، عماد ۽ حارث هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، ان کان اڳ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان اننگ شروع ڪئي، ۽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنز ٺاهيون. ٻنهي اوپنرز ۾ 150 رنز جي پارٽنرشپ قائم ٿي ۽ 15 هين اوور ۾ رضوان هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 61 رنز ٺاهي 41 بالن تي گريگوري جي بال تي ڪيپر بيئر اسٽوو هٿان ڪيچ ٿيو، بابر اعظم ٽن ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 49 بالن تي 85 رنز ٺاهي ويلي جو شڪار ٿيو ۽ ڪيپر کيس ڪيچ ڪيو. صهيب مقصود ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 7 بالن تي 19 رنز ٺاهي ٽوم ڪرن جي بال تي ويلي هٿان ڪيچ ٿيو، فخرالزمان 3 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 8 بالن تي 26 رنز ٺاهي ثاقب محمود جي بال تي جيسن راءِ هٿان ڪيچ ٿيو. محمد حفيظ 3 ڇڪن ه۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 10 بالن تي 24 رنز ٺاهي ٽوم ڪرن جي بال تي بولڊ ٿيو. عماد وسيم رن آئوٽ ٿيو ۽ اعظم خان 5 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.
معين خان جي پٽ اعظم خان ڊيبيو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ هي پيءُ پٽن جي پنجين جوڙي آهن جن ملڪيسطح تي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.ان کان اڳ نظر محمد ۽ مدثر نظر، ماجد خان ۽ بازيد خان، حنيف محمد ۽ شعيب محمد * عبدالقادر ۽ عثمان قادرجي پيءُ پٽن جون جوڙيون شامل آهن.ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري چڪو آهي.