شهباز شريف لنڊن کان لاهور پهچي ويو، گلن ۽ نوٽن جي ورکا

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف لنڊن کان لاهور پهچي ويو آهي. ايئرپورٽ تي سندس آمد وقت سخت سيڪورٽي جا انتظام ڪيا ويا، سندس آڌر ڀاءُ لاءِ وڏي انگ ۾ ڪارڪن موجود هئا جيڪي کيس ماڊل ٽائون ڇڏي پرامن منتشر ٿي ويا. احسن اقبال، امير مقام ۽ ٻيا اڌ رات کان ايئرپورٽ تي انتظار ڪندا رهيا. ڪارڪنن شهباز شريف تي گلن جي پتين ۽ نوٽن جي ورکا ڪئي. ياد رهي شهباز شريف عدالتي حڪم تي نالو اي سي ايل مان هٽائڻ بعد 10 اپريل تي لنڊن وڃڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻن هفتن ۾ واپس اچڻ جو چيو هو پر نامعلوم سببن ڪري هن قيام وڌايو. قومي اسمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجٽ پيش ٿين واري آهي ۽ هو ان موقعي تي واپس آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو