شهدادڪوٽ( شاهد اعواڻ )انصاف ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ٽورنامينٽ جي فائينل ميچ ٿي گذري جنهن ۾ زهري ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 12 اورن ۾ 142 رنسون کڻي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. فاتح ٽيم ۾ اسامه مگسي 65 رنسون ٺاهي مين آف دي ميچ قرار. شهدادڪوٽ جي ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي انصاف ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽورنامينٽ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جي فائينل ميچ ۾ زهري اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ۽ المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم ۾ راند کيڏي وئي جنهن ۾ پهريان بيٽنگ زهري اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب ڪئي جنهن 12 اورن ۾ 142 رنسن جو حدف ڏنو. هوڏانهن بعد ۾ المهراڻ ڪرڪيٽ ڪلب مقرر ٿيل اورن ۾ 126 رنسون کڻي سگهي. جنهن ۾ زهري ڪرڪيٽ ڪلب 16 رنسن تان ميچ کٽي ونر ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي. جڏهن ته فاتح ٽيم جي رانديگر اسامه مگسي 65 رنسون کڻي مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيو ۽ بيسٽ بالر جو اعزاز شاهد بوجاڻي پنهنجي نالي ڪيو. انصاف ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران رٿيل ٽورنامينٽ ۾ ٽوٽل 14 ٽيمن حصو ورتو. هوڏانهن آخر ۾ رٿيل فائينل ميچ جي مهمان خاص ميجر احمد نواز منگي، محمد يوسف ڪمبوه، محمد انور پندراڻي، حمزه عادل ڪمبوه ۽ ٻين کٽيندڙن سميت راند ۾ حصو وٺندڙن ۾ ونر، رنر ٽرافين سميت ٻيا انعام ورهايا.
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ
درج ٿيل ڪيسن ۾ عمر ايوب کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
ڳالهيون اين آر او نه پر پاڪستان لاءِ ٿينديون: طلال چوڌري
پاڪستان آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي
ملڪه ترنم نور جهان کي جنم 24 سال گذري ويا
خدشو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي ٿو،آمريڪا