لنڊن (م ڊ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 27 هين ميچ ۾ سريلنڪا هاٽ فيوريٽ انگلينڊ کي دلچسپ مقابلي بعد 20 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ليڊز ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ سريلنڪا جي 233 رنسن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ 397 رنسن جو رڪارڊ هدف ٺاهيندڙ انگلش بيٽنگ لائن سريلنڪا خلاف ٻوٽو نه ٻاري سگهي. سريلنڪن بالرن شروعات کان ئي مخالف بيٽسمين کي دٻاءُ ۾ رکيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪابه وڏي پارٽنرشپ قائم نه ٿي سگهي. انگلينڊ طرفان بين اسٽوڪس 82 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن ته جو روٽ 57 ۽ ڪپتان مورگن 21 رنسون ئي ٺاهي سگهيا، اوپنر ونس 14، بيرسٽوو ٻُڙي، بٽلر 10، معين علي 16، ووڪس 2، عادل رشيد هڪ، آرچر 3 ۽ ووڊ بنا ڪو اسڪور ڪرڻ جي پويلين موٽيا. سريلنڪا جي تجربيڪاربالر ملنگا 4 وڪيٽون وٺي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ڊي سلوا 3، ادانا 2 ۽ پرديپ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، ملنگا کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف ميچ قرار ڏنو ويو.
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو