لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيون جي 18هين ميچ اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪوئٽا گليڊيئٽرز ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي پئي وڃي. ڪوئٽا 19.4 اوورز ۾ 203 رنز ٺاهي 5 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتي. ان کان اڳ ڪوئٽا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو. اسلام آباد 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي 199 رنز ٺاهي سگهي. ڪوئٽا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ زبردست ابتدا ڪئي، جيسن راءِ ۽ احسن علي 7 اوورز ۾ 80 کان مٿي اسڪور ٺاهيو، جيسن راءِ 24 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي پر اٺين اوور ۾ هڪ ڇڪي ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 27 بالن تي تي 54 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي بولڊ ٿيو.
جنهن بعد احسن علي به هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 30 رنز ٺاهي ڊاسن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو. جنهن بعد جيمز ونس ۽ سرفراز جي سلو بيٽنگ هلندي رهي. جيمز ونس به هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 29 رنز اسڪور ڪري شاداب جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد افتخار احمد به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو ۽ 4 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي وسيم جونيئر هٿان ڪيچ ٿيو. عمر اڪمل ۽ سرفراز احمد اسڪور اڳتي وڌايو.عمر اڪمل شاندار واپسي انٽري ڏيندي 3 ڇڪن جي مدد سان 8 بالن تي 23 رنز اسڪور ڪري 19هين اوور جي آخر ۾ آئوٽ ٿيو. جنهن بعد جيمز فاڪنر آيو 7 بالن تي 9 رنز گهربل هيون. 3 بالن تي هڪ رن گهربل هئي، آخري اوور ۾ 8 رنز ڪوئٽا کي گهرجن پيون. سرفراز حسن علي کي 2 لڳاتار چوڪا هڻي هڪ پاسي ميچ کٽي ورتي ته ٻئي پاسي پنهنجي ففٽي به مڪمل ڪئي.ان کان اڳ اسلام آباد جي اننگ رحمان الله گرباز ۽ ايلڪس هيلز شروع ڪئي ڇو ته پال اسٽرلنگ واپس هليو ويو آهي. 48 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪري جڏهن گرباز 19 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي بولڊ ٿيو. ان اوور ۾ 2 چوڪا به کيس هنيا. جنهن بعد ڪپتان شاداب آيو ۽ اسلام آباد جارحاڻو موڊ جاري رکيو. يارهين اوور ۾ شاهد آفريدي 3 وڪيٽون ورتيون، شاداب 12رنز ٺاهي احسن علي هٿان ڪيچ ٿيو ، ايلڪس هيلز 4 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هڻي 38 بالن تي 62 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، ۽ محمد اخلاق زيرو تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو.
ٻارهين اوور جي پهرين بال تي اعظم خان رن آئوٽ ٿيو. نور احمد جي بال تي سرفراز هٿان آصف علي به ڪيچ ٿيو 9 رنز عيوض اسلام آباد جا 5 بيٽر آئوٽ ٿيا. جنهن بعد ڊاسن ۽ فهيم اشرف ٽيمپو جوڙي ورتو ۽ اسڪور اڳتي وڌايو. فهيم اشرف 25 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي. هو نور احمد جي بال تي جيمز فاڪنر هٿان 55 جي ذاتي اسڪور تي ڪيچ ٿيو.
هن مهل تائين اسلام آباد 5 ميچ کيڏيا آهن جن مان 3 کٽيا آهن، جڏهن ته ڪوئٽا 2 کٽيا آهن اسلام آباد ملتان ۽ لاهور کانپوءِ پوائنٽ ٽيبل تي ٽئين نمبر تي ۽ ڪوئٽا چوٿين نمبر تي آهي.