ڪوئٽا گليڊيئٽرز 23 رنز تان ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ 7 جي فيصلائتي ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ڪراچي ڪنگز کي 23 رنز تان شڪست ڏئي پاڻ کي ٽاپ فور ۾ پهچائڻ لاءِ پراميد آهي. ڪوئٽا وارن ڪراچي کي کٽڻ لاءِ 167 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو جيڪو هو حاصل نه ڪري سگهيا ۽ ڪراچي 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 143 رنز ٺاهي سگهي. ڪراچي 9 ميچز مان رڳو هڪ کٽي ۽ 8 ميچز ۾ کين شڪست ملي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اوپنر جيسن راءِ 64 بالن تي 82 رنسون ٺاهيون. بابراعظم جو ڪلارڪ سان گڏ اننگ شروع ڪئي ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي آخري ميچ ۾ پاور پلي ۾ ففٽي مڪمل ڪئي. بابرهڪ ڇڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 36 رنز ٺاهي خرم شهزاد جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد شرجيل آيو جنهن جنهن جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ ٻن ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 7 بالن تي 16 رنز ٺاهيون ته هنکي به خرم شهزاد بولڊ ڪيو. جنهن بعد قاسم اڪرم آيو ته محمد عرفان جي اوور ۾ جو ڪلارڪ ففٽي مڪمل ڪري بولڊ ٿي ويو. هن 2 ڇڪا 4 چوڪا هڻي 39 بالن تي 53 رنز اسڪور ڪيون. ڪراچي 14 اوورز ۾ 4 وڪيٽن تي 109 رنز اسڪور ڪيون هيون. روحيل اصغر 9 قاسم 8 ۽ عماد 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.

ول سميڊ 10 ۽ جيمز ونس 29 رنسون ٺاهيون. مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل 2، افتخار احمد 21 ۽ حسن خان 3 رنسون ٺاهيون. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ليگ ڇڏي ويندڙ آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيمز فاڪنر جي جاءِ تي پاڪستاني انڊر 19 رانديگر محمد شهزاد کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي. ڪراچي طرفان عماد وسيم، مير حمزه، عثمان شنواري ۽ ليوس گريگوري هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته گروپ ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پنهنجي آخري ميچ کيڏي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪوئيٽا کي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻو آهي ته ان کي هي ميچ وڏي مارجن سان کٽڻو پوندو، ان کان علاوه اسلام آباد لاءِ شام ۾ ملتان سلطانز خلاف ميچ هارائڻ به اهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو