ملتان۽ لاهور جو اڄ فائنل، آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل سيون جي فائنل اڄ لاهور ۾ دفاعي چيمپئن ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ فائنل کٽڻ لاءِ پر اميد آهن. ٽورنامينٽ م ملتان جو پلڙو ڀاري آهي پر لاهور جنهن سيمي فائنل ۾ اسلام آباد کي کٽيل ميچ جو پاسو پلٽي کين شڪست ڏني هئي، ان بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته کين نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. لاهور واحد ٽيم آهي جيڪا هن وقت تائين پي ايس ايل کٽڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اڄ شام 7 وڳي ٽاس ٿيندو ۽ ساڍي ستين وڳي ميچ شروع ٿيندو.

ٻئي پاسي آسٽريليا جي ٽيم 24 سالن بعد پاڪستان جي دوري تي پهچي وئي آهي، پهرين ٽيسٽ 4 مارچ تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو