ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين وارن 52 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پون سبب لاڏاڻو ڪري ويو. فاڪس ڪرڪيٽ جي هڪ رپورٽ موجب وارن جي مينيجر هڪ مختصر بيان ۾ چيو آهي ته شين وارن جمعي تي ٿائيلينڊ جي شهر ڪوهه سيموئي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته شين وارن پنهنجي ولا ۾ هو ۽ جواب نه ڏئي رهيو هو. انتظاميا چيو ته جاچ بعد وڌيڪ تفصيل جاري ڪيا ويندا پر خاندان رازداري جي درخواست ڪئي آهي. شين وارين ٽي 20 ڪرڪيٽ به کيڏيو پر هن عالمي سطح تي آسٽريليا جي ان فارميٽ ۾ نمائندگي نه ڪئي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ لاءِ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه بُريون خبرون آيون، جتي عظيم وڪيٽ ڪيپر روڊني مارش فوت ٿيو ۽ مٿان شين وارن جي موت جي خبر آئي. عظيم ليگ اسپنر شين وارن پنهنجي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي شروعات آسٽريليا لاءِ 2 جنوري 1992ع تي سڊني ۾ هندستان خلاف ميچ سان ڪئي. سندس شاندار ون ڊي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات 24 مارچ 1993 تي نيوزيلينڊ خلاف ويلنگٽن ۾ ٿي. دنيا جي مشهور ليگ اسپنر جي اصل شهرت 1993ع جي ايشز سيريز مانچسٽر ٽيسٽ ۾ مائڪ گيٽنگ کي آئوٽ ڪرڻ واري بال سان ملي. جنهن کي ”بال آف دي سينچري“ پڻ قرار ڏنو ويو، جيڪو انگلش سرزمين تي پهريون اهڙو بال ڪيو ويو. هن جو ٻاهر ويندڙ بال ڏسي گيٽنگ ان کي ڇڏي ڏنو پر بال تيزي سان ٽرن ڪري وڪيٽن ۾ لڳو. شين وارن 2006ع ۾ ميلبورن ۾ کيڏيل ايشيز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ بهترين ليگ اسپن بالنگ ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 700 وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ انگلش اوپنر اينڊريو اسٽراس جون وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيون. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ٻيو ڪامياب بالر 145 ٽيسٽ ميچن ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ هن 194 ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي ۽ 293 وڪيٽون ورتيون. شين وارن پنهنجي آخري ٽيسٽ ميچ به سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي هئي جتي سندس مخالف انگلينڊ هو، 2 جنوري کان 5 جنوري 2007ع تائين هلندڙ ميچ ۾ هن 2 وڪيٽون ورتيون ۽ 71 رنسن جي يادگار اننگز کيڏي. هن 10 جنوري 2005ع تي ورلڊ اليون لاءِ آخري ون ڊي کيڏيو، جنهن ۾ سندس ٽيم فتح حاصل ڪئي ۽ 2 وڪيٽون ورتيون. شين وارن 2013 ۾ ڪرڪيٽ جي سڀني فارمن تان ڪنارا ڪشي کان اڳ انڊين پريميئر ليگ (IPL) ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ کيڏيو.
پابندين سان پاڪستان جي دفاع ۽ دفاعي فيصلن تي اثر نه پوندو
پي پي اقتدار ۾ هوندي وفاق سان ناراض
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو