ڪامريڊ تاج ابڙو جا ڪم ساراهه جوڳا آهن، ڀيٽا پيش

نوابشاهه(ن سنڌيار)سنڌ جي نالي واري اديب دانشور،جج،سياستدان،سماج سڌارڪ، تعليم دان ۽ پنهنجي دور جي بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 36 ھين ورسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ انتھائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان ڏس ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ۾ مرڪزي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ايثال ثواب لاءِ خصوصي دعا پڻ گھري وئي  دعا بعد منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي،عباس علي ڀٽي ۽ مرحوم جي فرزند ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شھيد بينظيرآباد مير نادر علي ابڙو چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جھڙي شخصيت صدين ۾ پيدا ٿيندي آھي ۽ ڪامريڊ سنڌ جي گھڻ رُخي شخصيت جو مالڪ ھو هن جا مختلف شعبن ۾ ڪيل ڪم ساراهڻ جوڳا آهن.

نوشهروفيروز ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسي جي تقريب

هو پاڪستان جو واحد جج هو جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو هو جج جي اهم ترين ڪرسي تي ويهندي به غريب عوام کان پري ڪونه رهيو سندس جي ادبي، سماجي تعليمي صحافتي ۽ قانوني خدمتن کي اڄ سڄو سنڌ کيس ياد ڪري ٿو ۽ سلام پيش ڪري ٿو هنن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جو عظيم سرمايو هو ۽ سندس خدمتون پوري پاڪستان ۽ خصوصن لاڙڪاڻي وارا صدين تائين ياد رکندا هن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو نوجوانن لاءِ مشعل راھه هو نوجوانن کي سندس ٻاريل شمع کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.

ان موقعي تي تقريب ۾ ايڊيشنل رجسٽرار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آصف علي زرداري، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز عبدالحميد پيرزادو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاليجز قائم الدين ڪيريو سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ پڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي ورسي ملھائي وئي جڏھن ته شھر جي سياسي، سماجي، ادبي سنگت پاران مرحوم جي آخري آرام گاھ پھچي گل نڇاور ڪيا ۽ سندس مغفرت لاءِ دعائون پڻ گهريون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو