ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستان 168 رنز تي ڍير، فالو آن تي مجبور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم 148 رنز تي سڄي ٽيم ڍير ٿي وئي ۽ فالو آن تي مجبور ٿي وئي آهي. پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ قومي ٽيم جا 5 رانديگر 76 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا آهن. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن آسٽريليا پهرين اننگز 556 رنسن تي 9 وڪيٽن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستان لاءِ امام الحق ۽ عبدالله شفيق اننگز جي شروعات ڪئي پر عبدالله شفيق 13 رنسون ٺاهي سواپسن جي هڪ شاندار اسڪور تي رن آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته امام الحق به 20 رنسون ٺاهي وڏو اسڪور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. اظهر علي 14 رنسون ٺاهي مچل اسٽارڪ جي هٿان ڪيچ ٿي ويو جڏهن ته فواد عالم به ايندڙ بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 6 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي وڪيٽ جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي آخري 4 رانديگرن مان شاهين 19 ۽ نعمان علي 20 رنز ٺاهي آ.وٽ ٿيا، ٻيا 2 ڄڻا سنگل ڊجٽ ۾ رهيا. ٽئين ڏينهن آسٽريليا پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز 505 رنسن تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي شروع ڪئي پر شاهين آفريدي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ بغير ڪنهن واڌ جي 28 رنسن تي مچل اسٽارڪ کي اظهر علي جي هٿان ڪيچ ڪرايو. آسٽريليا پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 556 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي، عثمان خواجه 160 رنسون، ايلڪس ڪيري 93 ۽ اسٽيو سمٿ 72 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان فهيم اشرف ۽ ساجد خان 2-2 جڏهن ته شاهين آفريدي، نعمان علي، حسن علي ۽ بابر اعظم هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو