ڪابل ۾ ڌماڪو 65 کان وڌيڪ زخمي، 5 حمله آورمارجي ويا

ڪابل(۾ ڊ) افغانستان جي شهر ڪابل ۾ وزارت دفاع جي ٻاهران زوردار بم ڌماڪو 65 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڪيترن ئي ماڻهن جي جاني نقصان جو انديشو آهي. زخمين ۾ ڪيترائي ٻار به شامل آهن. سيڪورٽي فورسز 5 ڪلاڪن جي مقابلي بعد 5 حملي آور مارجي ويا. مقامي پوليس آفيسر موجب وچ شهر ۾ ٿيل ڌماڪي بعد فائرنگ به ڪئي وئي جنهن سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. زخمي ٿيندڙن ۾ افغان فٽبال ٽيم جا رانديگر به شامل آهن. ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ڏيڍ ڪلوميٽر هم چورس آواز ٻڌو ويو. آس پاس جي عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ دونهنين جو وڏو طوفان اٿيو. هي بم ڌماڪو اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن قطر ۾ آمريڪا ۽ طالبان ۾ ڳالهيون جاري آهن. طالبان ذميواري قبولي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو