لاهور ٽيسٽ ميچ دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي

لاهور(ويب ڊيسڪ)قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندڙ آخري ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن مهمان ٽيم آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 3 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي. آسٽريليا پاڪستان کي آخري ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 351 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان بنا ڪنهن نقصان جي 73 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ ان کي وڌيڪ 278 رنسن جي ضرورت آهي. سڀاڻي آخري ڏينهن تي پاڪستان کي ميچ ۽ سيريز کٽڻ لاءِ 278 رنز گهربل هونديون ۽ آسٽريليا کي 10 وڪيٽون کپنديون. ماهرن موجب پاڪستان جي کٽڻ جو امڪان 30 سيڪڙو آهي، 37 سيڪڙو ميچ ڊرا ٿيڻ ۽ 33 سيڪڙو آسٽريليا جي کٽڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو