تماڪو جي استعمال سبب بينائي ڪمزور ٿئي ٿي، تحقيق

لنڊن (م ڊ) برطانوي ماهرن جو چوڻ آهي ته تماڪو، سگريٽ، ٻيڙي، چلم ۽ شيشو جو استعمال بينائي متاثر ڪري ٿو. صحت جي شعبي جي ماهرن هدايت ڪئي آهي ته اهڙا لکين ماڻهو، جيڪي تماڪو نوشي جي عادت ۾ وڪوڙيل آهن، اُهي پنهنجي اکين جي روشني پاڻ پئسا خرچ ڪري وڃائي رهيا آهن. برطانوي اداري پاران ڪرايل تازي سروي موجب سگريٽ، ٻيڙي، چلم يا ڪنهن ٻي صورت ۾ تماڪو واپرائيندڙ پنج ماڻهن مان رڳو هڪ ماڻهو کي اها ڄاڻ آهي ته تماڪو جي استعمال سبب سندس نظر خراب ٿئي ٿي. تحقيق مطابق سگريٽ ۾ ڪافي مقدار ۾ ڪيميڪلزاستعمال ٿين ٿا جيڪي اکين کي متاثر ڪن ٿا. مثال طور سگريٽ مان نڪرندڙ ڌات اکين جي پردي ۾ گڏ ٿي سگهي ٿي، اک جي پردي جو ڪم اک اندر داخل ٿيندڙ روشني کي فوڪس ڪرڻ آهي، جنهن جو متاثر ٿيڻ روشني جي سگهه کي ڌنڌلو ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ آهي. تماڪو نوشي شگر جي ڪري بينائيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن ۾ به اضافو ڪندي آهي، ڇاڪاڻ جو اُن جي ڪري اک جي پويان موجود رت مهيا ڪندڙ رڳون متاثر ٿي سگهن ٿيون. بهتر بينائي لاءِ تماڪو استعمال ڪندڙن کي اها عادت ڇڏڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو