باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو) قومي ڪرڪيٽر لاڙڪاڻي واسي قومي ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي جي مان ۾ افطاري پارٽي ڏني وئي۔ مرزا ڪالو دعا زمزم فارم هائوس تي سماجي اڳواڻ طارق علي شاهاڻي، ذوالفقار علي شاهاڻي آصف شاهاڻي، خليل شاهاڻي ۽ اختر شاهاڻي سندس مان ۾ افطار جو اهتمام ڪيو. جنهن ۾ علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي۔ان موقعي سماجي اڳواڻ طارق علي شاهاڻي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڏاهاڻي اسانجي علائقي جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي ۽ هو سنڌ جو مان آهي. ان موقعي تي سنڌي اجرڪ جو تحفو پڻ کيس ڏنو ويو ۽ سندس مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي۔ شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته دوستن جي پيار ۽ سندن مهمان نوازي منهنجو من موهي ڇڏيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته مونکي ننڍپڻ کان ئي ڪرڪيٽ جو شوق هيو ۽ والدين جي دعا سان ان منزل تي پهتو آھيان. هن ميڊيا جا ٿورا مڃندي چيو ته ميڊيا مونکي سٺي موٽ ڏني جنهن منهنجي شھرت ۽ مقبوليت ۾ اضافوڪيو. هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي کپي ته اجايو وقت نه وڃائن پڙھائي تي وڌيڪ توجه ڏين پنهنجو ۽ ايندڙ نسل کي بچائڻ لاء سخت محنت ڪن ته جئين معاشري ۾ وڏو مقام حاصل ڪن.
چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي ٿيندو
اسان مجبوري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون: عمر ايوب
نئين سال تي هٿيارن جي نمائش ۽ فائرنگ تي پابندي يقيني بڻائڻ جو فيصلو
پي اي سي جي چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ کان نالو طلب
عارف علوي جي 14 فيبروري تائين راهداري ضمانت منظور
ڪسٽم جي ڪارروائي، هڪ لک پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ
ڪنهن کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي
جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ هڪ جوابدار تي جرم لاڳو، فوٽيج فراهمي درخواست رد
سول نافرماني سڏ تي عمل ٿيو ته ملڪ کي ڪافي نقصان پهچندو
سون سستو ،ڊالر مهانگو ٿي ويو
آمريڪي پابندين جو جواز ناهي، ايٽمي پروگرام تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو
مظفر آباد، ڄاڃين جي گاڏي درياءَ ۾ ڪري پئي،4 ڄڻا فوت، گهوٽ زخمي
تبديلي اچڻ واري آهي، عوام پراميد آهي: عارف علوي
ڳالهيون مذاق رات نه ٿي وڃن: شيخ رشيد
مدرسن جي رجسٽريشن وارو مسئلو فوري حل ڪيو وڃي: لياقت بلوچ
فوجي عدالتن جي ٽرائل ۽ فيصلن تي مايوسي ٿي: اسد قيصر
اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ چونڊن جو معاملو جلد حل ڪرڻ جو حڪم
جسٽس نعمت الله وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
نين ڪنيڪشن سان انٽرنيٽ جو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي ويندو
پاڪستان ۾ فوجي عدالت طرفان 25 شهرين کي سزا ملڻ تي ڳڻتي