مظفر آباد( ڊيسڪ رپورٽ) ڪشمير جي نيلم وادي ۾ ليسوا جي علائقي ۾ ڪڪر ڦاٽڻ يعني ڪلائوڊ برسٽ بعد آسماني بجلي ڪرڻ سبب برسات ۽ ٻوڏ سبب تباهي مچي وئي. جنهن جي نتيجي ۾24 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ڪيترائي ماڻهون جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، لڙهي ويا آهن. جڏهن آزاد ڪشمير جي علائقي ليسوا ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ اچي وئي جنهن سان مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن ته موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي. ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچڻ سبب 2 مسجدون ۽ ڏيڍ درجن کان مٿي گهر لڙهي ويا ۽ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا. جن جو لاشون ٻوڏ جي وهڪري ۾ وهي نيلم درياءَ ۾ لڙهي ويون آهن. لينڊ سلائيڊنگ سبب ليسوا بازار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. ڊي سي نيلم، ايس ڊي ايم ۽ پوليس جون ٽيمون متاثر علائقن ۾ پهچي ويون آهن ۽ متاثر علائقن مان نقصان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايس ڊي ايم اي سعيد الرحمان قريشي ٻڌايو ته ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڪيترائي ماڻهو گم ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن. هن چيو ته نقصانن جو اندازو لڳايو پيو وڃي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي تعداد جي فيصلي ۽ ڳولا جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي، ٻوڏ جي وهڪري ۾ 24 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي گم ٿي ويا آهن. جن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي. فوت ٿيندڙن ۾ تبليغي جماعت جا 11 ماڻهو به شامل آهن. چئن جو تعلق لاهور، 5 جو فيصل آبا د۽ هڪ جو شيخو پوره سان آهي. هن چيو ته ٻن گهرن تي وڄ ڪري آهي ۽ ٻه مسجدون به ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچي ويون جتي ماڻهو ڦاٿل آهن. خوبصورت هنڌ هجڻ سبب ليسوا ۾ سياحن جي وڏي تعداد به موجود آهي ۽ فوتگين ۾ اضافي جو خدشو آهي. انتظاميه مظفرآباد ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نمبر 058-21921643 آهي. ٻئي طرف ڪامسر ڊونگاڪس جي هنڌ تي مسافر جيپ نيلم درياءَ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جيپ ۾ هڪ ٻار سميت 6 ڄڻا سوار هئا. مقامي پوليس موجب حادثي ۾ هڪ شخص سخت زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو