ٽنڊوباگو(فرحت خواجا) انگلينڊ ۾ بي گهر فٽ بال ورلڊ ڪپ 2019 ۾ بدين ضلع جي شهر ٽنڊو باگو جي ٻن رانديگرن ڌوم مچائي ڇڏي. انگلينڊ جي شهر ڪارڊف جي مشهور بيوٽ پارڪ ۾ مچايل ميلي ۾ افتتاحي ڏينهن تي ٿيل ميچ ۾ ميرغلام محمد خان ٽالپر فٽ بال ڪلب جي ٻن رانديگرن احسان بلوچ ۽ مير عمار ٽالپرپنهنجي اعليٰ ڪارڪردگي سبب ميڊيا توڙي ميدان ۾ موجود تماشائين جي توجه جو مرڪز بڻيل رهيا. پاڪستان ۽ اسرائيل جي ميچ ۾ پاڪستان 4 گولن تان اسرائيل کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان 9 گول ڪيا جن مان 7 گول ٽنڊو باگو جي ٻن رانديگرن ڪيا. جن مان احسان بلوچ 4 ۽ مير عمار ٽالپر 3 گول ڪيا. پاڪستان فزيڪل ڊولپمينٽ پروگرام يعني پي ڊي پي پاران موڪليل ٽيم پنهنجو پهريون ميچ اسرائيل کي بدترين شڪست ڏئي کٽي ورتو. وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان ميچ جي ويڊيو توڙي ٻئي فارميٽ ۾ ڪوريج ميزبانن سميت دنيا جي ڪنهن ويب سائيٽ تي دستياب ناهي. جڏهن ته آسٽريليا سميت مختلف ملڪن پنهنجي پنهنجي ٽيمن جي همت افزائي لاءِ بهترين ميڊيا ڪوريج جو انتظام ڪيو آهي. ٽنڊو باگو جي رانديگرن پاران انٽرنيشنل ليول تي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي شھرين ۾ سرھائي آهي. ٽنڊو باگوفٽ بال ڪلب جي صدر شفيع محمد شيدي چيو ته اسان لاءِ اھو وڏو فخر آهي ته اسان جا رانديگر پرڏيهه ۾ کيڏي رھيا آھن ۽ پنهنجي شاندار پرفارمنس سبب نه صرف علائقي پر سنڌ ۽ پاڪستان جو به نالو روشن ڪيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ راندين جي همت افزائي ۽ سهولتن جي اڻاٺ آهي پر قدرت جي مهرباني اها آهي ته سنڌ ۾ تمام گهڻو ٽيلينٽ موجود آهي. ياد رهي ته هن ٽورنامينٽ ۾ دنيا جي 50 کان وڌيڪ ملڪن جا 500 کام مٿي رانديگر حصو وٺي رهيا آهن ۽ هي ٽورنامينٽ هڪ هفتو جاري رهندو. 2001 کان وٺي هر سال هي ٽورنامينٽ منعقد ٿيندو آهي ۽ هي سترهون ٽورنامينٽ آهي. هن جي افتتاحي تقريب ۾ هالي ووڊ ايڪٽر مائيڪل شين پنهنجي ڳورهاري گهرواري سان گڏ شريڪ ٿيو. هن ٽورنامينٽ جو مقصد بي پهچ ۽ بي گهر ماڻهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ عالمي پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي.
مخصوص سيٽن تي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪرڻو پوندو، وضاحت
بشنوئي گينگ جو سلمان سان دشمني ختم ڪرڻ لاءِ ڀنگ جو مطالبو
شهيدن کي ڀيٽا پيش، پاڻي مسئلي تي پوئتي ناهيون هٽيا،مراد شاهه
شهيدن کانسواءِ سرڪاري ملازمتن ۾ اولاد جي ڪوٽا غير آئيني قرار
ڪارساز سانحي کي 17 ورهيه وهامي ويا، واقعي جو ڏک اڄ به تازو
خانپورمهر ۾ 5 ٻارن جي ماءُ مبينا طور گهٽا ڏئي قتل
ڪراچي ۾ پوليس جو سرچ آپريشن، مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا
ريتي بجري جي دڪن خلاف ڪارروائي،جهيڙو، 3 اهلڪار زخمي
ايس ٽي پي پاران اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل احتجاج جو سڏ واپس
پاڪستان جو ڊاڪٽر عافيه جي سزا معافي لاءِ آمريڪي صدر کي خط
توشاخانا ڪيس ۾ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست مقرر
راست ادائيگين جي ماليت 20 هزار ارب رپيا ٿي وئي
ترميم سڀني جي مشاورت سان ٿيندي، مرضي مسلط نه ڪبي
190 ملين پائونڊ ريفرنس، بشرا جي بريت واري درخواست مقرر
عمر ايوب، بئريسٽر سيف، مشال يوسفزئي جي ضمانت منظور
ڪراچي ۾ 2 ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو
قومي اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت تبديل
انگلينڊ کي شڪست، ٽيسٽ سيريز برابر، اسپنرز جو اپ سيٽ
وڊيو وائرل ٿيڻ کان ڇو نه روڪيو ؟ ٻارن جو روڊن تي اچڻ ناڪامي آهي