افغانستان ۾ برساتن سبب تباهي، 50 ماڻهو فوت،وڊيو وائرل

ڪابل (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ تازين تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ مختلف حادثن ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا آهن. افغان ميڊيا موجب پروان ۾ تيز برساتن سبب فوت ٿيلن جو انگ 32 ٿي ويو آهي، جڏهن ته لوگر جي علائقي پل عالم ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب مختلف حادثن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جا ڍور پڻ مري ويا آهن. ان کان علاوه سوين ڪچو گهر پڻ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. افغانستان ۾ تازين برساتن سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي مواصلاتي رستا پڻ سيلابي پاڻي ۾ اچي ويا آهن، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو