آمريڪا پاران افغانين لاءِ نئين امدادي فنڊ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا افغان عوام جي مدد لاءِ نئين افغان فنڊ جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب افغان فنڊ ۾ 35 ارب ڊالر رکيا ويا آهن، اها رقم طالبان لاءِ نه پر افغان عوام جي فائدي لاءِ آهي.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته منصوبو افغان بئنڪ جي ذخيرن ۽ افغان معيشت کي منظم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ۽ قانون موجب افغان فنڊ جي نگراني جاري رکندو.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو ته طالبان منصوبي جو حصو نه آهن، ۽ آمريڪا اڃا تائين افغانستان کي انساني امداد جو سڀ کان وڏو عطيو ڪندڙ آهي.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پڻ چيو آهي ته امداد فراهم ڪئي پئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو