پاڪستان کي گئس جي فراهمي جي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

ثمر قند(ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۽ پاڪستان روس کان پاڪستان کي گئس جي فراهمي جي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ازبڪستان جي دوري تي موجود وزيراعظم ميان شهباز شريف سمرقند ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي آهي.اها ملاقات ازبڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ جي اجلاس جي موقعي تي ٿي.ٻنهي ملڪن جي سربراهن ٻطرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ، گيس جي فراهمي سميت وڏي پيماني تي منصوبن جي امڪان ۽ ان تي عملدرآمد تي اتفاق ڪيو.ترڪ صدر رجب طيب اردگان وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائيندي چيو ته روس، قازقستان ۽ ازبڪستان وٽ پهريان ئي گئس پائيپ لائين جو انفراسٽرڪچر موجود آهي.هن چيو ته هو پاڪستان کي ايشيا ۾ پنهنجو ترجيحي پارٽنر سمجهن ٿا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت انداز ۾ ترقي ڪري رهيا آهن.رجب طيب اردگان وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري تي تمام گهڻي خوشي ٿي، توهان سان ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي.ترڪ صدر جو اهو به چوڻ هو ته کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف سان ڪاروبار ڪرڻ جون سٺيون يادون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو