شهباز ۽ نواز وچ ۾ ملاقات ،مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جي لنڊن ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ڪيو ويو.لنڊن ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، سلمان شهباز به موجود هئا، وزيراعظم شهباز شريف ملاقات ۾ نواز شريف کي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فضل الرحمان سان مشاورت بابت آگاهه ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت سڄو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ معيشت جي بهتري تي آهي.ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سمورا اتحادي عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ جا حامي آهن، اتحادين سان گڏجي پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين، ڪو دٻاءُ قبول ناهي، ڪنهن جي هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.ن ليگ قائد نواز شريف ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگي تي وزيراعظم شهباز شريف کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوام کي رليف ڏنو وڃي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف ٻوڏ متاثرن لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيو آهي، حڪومت بحاليءَ جي ڪوششن ۾ تيزي آڻي.صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهي آهي، پاڪستاني عوام به عطيا فراهم ڪري رهيو آهي، دوست ملڪ پڻ مدد پيا ڪن، وفاق توڙي صوبائي حڪومتون پنهنجو فرض ادا ڪري رهيون آهن.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ اين ڊي ايم اي به ڪم ڪري رهي آهي، متاثرن لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو