نواز شريف پاڪستان جو اثاثو آهي، نواز شريف جلد پاڪستان ايندو: خواجا آصف

لنڊن(ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته نواز شريف منهنجو ليڊر ۽ پاڪستان جو اثاثو آهي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي.هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته نواز شريف جلد پاڪستان ايندو، جيڪڏهن نواز شريف کي سڀاڻي پاڪستان اچڻو آهي ته مان چاهيان ٿو ته هو اڄ اچي.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف سان انصاف ڪيو وڃي، هو چاهين ٿا ته نواز شريف سان ڪيل زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته نواز شريف منهنجو ليڊر ۽ پاڪستان جو اثاثو آهي، اهڙو وڏو اثاثو سياست ۾ مشڪل سان ملي ٿو.خواجا آصف جو چوڻ آهي ته اسان ڪو اهڙو فيصلو نه ٿا ڪرڻ چاهيون جنهن سان اسان جون مشڪلاتون وڌن، اسان چونڊن کان ڀڄڻ وارا ناهيون، ايندڙ عام چونڊون آگسٽ 2023 ۾ ٿينديون، پنجاب ۾ تبديلي ۽ پرويز الاهي هڪ ڌاڳي سان لٽڪي رهيا آهن، ڪڏهن ڪڏهن، ڌاڳو به ٽٽي سگهي ٿو. بچاءَ واري وزير چيو ته اپوزيشن جو آرمي چيف جي مقرري تي سياست ڪرڻ افسوس جوڳو آهي، فوج پاڪستان جي دفاع جي ضامن آهي، آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي بحث نه ٿيڻ گهرجي، آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ گهرجي. آرمي چيف سياست جو معاملو آهي، ائين ڪرڻ سان اداري کي نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو