ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڇوڪري سميت وڌيڪ 6 ڄڻا گم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن مان هڪ ڇوڪري سميت وڌيڪ 6 ڄڻا گم ٿي ويا، جن جي وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ، سنڌ جي گهرو کاتي، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 هفتن ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.درخواستگذار جو چوڻ آهي ته عبداللطيف، الطاف بلديا ٽائون، اختر ۽ اعظم لياقت آباد جڏهن ته عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد مان ڇوڪري سميت 2 شهري گم آهن.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته گم ٿيل شهرين جي فوري بازيابي جو حڪم ڏنو وڃي.درخواستن جي ٻڌڻي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي تي ٻڌل بينچ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو