راڻي جون آخري رسمون، 500 کان مٿي اهم شخصيتون شريڪ

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ II جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ دنيا جي 500 کان وڌيڪ ملڪن، حڪومتن ۽ اهم ادارن جا سربراهه لنڊن پهچي ويا آهن، جتي 70 سالن تائين برطانيه تي حڪومت ڪندڙ مرحومه راڻي کي سرڪاري اعزازن سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو پيو وڃي. لکين ماڻهو لنڊن جي روڊن تي قطار ۾ راڻي جي تابوت جي آخري ديدار لاءِ بيٺا رهيا، جڏهن ته ويسٽ منسٽر ايبي جتي تدفين ٿيندي، ان جي چوڌاري رستا بند ڪيا ويا آهن. راڻي جي اخري رسمن م شرڪت لاءِ پهتلن ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن، چيني نائب صدر وانگ ڪيشن، ڪينيڊا جو وزيراعظم جسٽن ٽروڊو، جاپاني بادشاهه ناروهٽو، ڏکڻ آفريڪا جو صدر سائرل رامافوسا، ڪڪ آئلينڊ جو وزيراعظم مارڪ برائون ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سميت ڪيترائي اهم اڳواڻ شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه اهم اڳواڻ جهڙوڪ چيني صدر شي جن پنگ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان دعوتون ملڻ باوجود تقريب ۾ شرڪت نه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته وينزويلا، شام ۽ افغانستان ڏانهن دعوت ناما نه موڪليا ويا. آمريڪي صدر جو بائيڊن برطانيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ راڻي ايلزبيٿ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ لنڊن پهتو، هن چيو ته برطانوي عوام خوش قسمت آهي ته راڻي ايلزبيٿ 70 سالن تائين راڄ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو