ايران ۾ زلزلي سبب 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي ڏاکڻي علائقي ۾ زلزلي سبب مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 44 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي ڏاکڻي حصي کي هڪ کانپوءِ 4 مختلف زلزلن جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ايران جي ڏاکڻي بندرگاهه بندر لانگ شهر ۾ زلزلي جا شديد لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا.آمريڪي زلزلي واري مرڪز موجب ايران ۾ زلزلي جي شدت 6.1 هئي جڏهن ته يورپي زلزلي واري اداري موجب زلزلي جي شدت 6.2 هئي. ميڊيا موجب زلزلي سبب متاثر علائقي جا 12 ڳوٺ پڻ تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته پنج ڳوٺن ۾ بجلي پڻ غائب ٿي وئي آهي.ميڊيا رپورٽ موجب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن پر ان سان گڏ جاني نقصان به ٿيو آهي، زلزلي سبب هن وقت تائين 5 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته 44 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو