وزيراعظم سان آمريڪا جي ماحوليات واري وزير جي ملاقات

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)نيويارڪ ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ماحوليات واري وزير جان ڪيري ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان کان اڳ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمنيوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو