پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 3 هزار ماڻهو فوت ٿيڻ جو خدشو آهي: آمريڪي سينيٽر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي جي چيئرمين باب مينينڊز جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي موت جو خدشو آهي.آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين باب مينينڊز چيو آهي ته پاڪستان تاريخ جي ڏکي وقت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ سبب 3 هزارن جي لڳ ڀڳ فوتگين جو خدشو آهي، جڏهن ته 40 لک پاڪستاني لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت جمهوريت ۽ انساني حقن جي مرڪزي عنصرن تي ڌيان ڏئي ته ملڪ جي تعمير جو عمل بهتر انداز ۾ ممڪن ٿي سگهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو