عالمي ادارا پاڪستان جا قرض معطل ڪن،گڏيل قومون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن عالمي ادارن تي زور ڏنو آهي ته پاڪستان جا قرض معطل يا ري شيڊول ڪن.گڏيل قومن پنهنجي پاليسي پيپر ۾ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو پاڪستان کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪرڻ تي غور ڪن ته جيئن حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد کي اوليت ڏئي سگهي.گڏيل قومن به پاڪستان کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجون مشڪلاتون پنهنجي قرض ڏيندڙن سان شيئر ڪري ڇو ته ٻوڏ کانپوءِ معاشي بحران وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي.ان حوالي سان گڏيل قومن هن هفتي پاڪستان سان هڪ ياداشت به شيئر ڪندي ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلين کان بچاءَ لاءِ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ قرض ڏيڻ جي به تجويز ڏني آهي.عالمي اداري موجب پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سبب آيل ٻوڏن سبب 30 ارب ڊالرن جي نقصان جو اندازو لڳايو ويو آهي.ان کان علاوه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جو ذميوار ترقي يافته ملڪن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته جن ملڪن پاڪستان ۾ تباهي آندي آهي انهن کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو