آمريڪا پاران عالمي بئنڪ جي صدر جي بيان جي مذمت

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا گلوبل وارمنگ تي عالمي بئنڪ جي صدر جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.وائيٽ هائوس چيو آهي ته هو گلوبل وارمنگ بابت عالمي بئنڪ جي صدر جي بيان سان متفق ناهي.وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري چيو آهي ته هو ورلڊ بينڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس جي بيان سان متفق ناهي.ورلڊ بينڪ جي صدر هڪ عوامي تقريب ۾ انساني سرگرمين جي نتيجي ۾ گلوبل وارمنگ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو رپورٽن مطابق ماهر ان ڳالهه تي به متفق آهن ته گلوبل وارمنگ انساني سرگرمين جي ڪري ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو