وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ آمد، شهباز شريف ملاقات ڪندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان اهم ملاقات ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عمران خان جي لانگ مارچ جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته پنجاب حڪومت جي خاتمي بابت قدمن بابت به فيصلا ڪيا ويندا.ريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ سال چونڊون ڪرائڻ بابت اصولي فيصلو ڪيو ويندو.ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف نيويارڪ کان لنڊن پهتو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب به ساڻس گڏ آهي.وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٻوڏ واري صورتحال بابت آن لائن اجلاس جي صدارت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي آچر تي وطن واپسي جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو