استعيفيٰ نواز شريف کي پيش، اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير نامزد

لنڊن( ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي استعيفيٰ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ترجمان چيو ته مفتاح اسماعيل اجلاس ۾ نوازشريف کي استعيفيٰ جمع ڪرائي ۽ چيو ته وزارت سندس امانت آهي، کيس وزير بڻايو آهي.مفتاح اسماعيل چيو ته هن چئن مهينن ۾ پوري صلاحيت سان ڪم ڪيو، هو پارٽي ۽ ملڪ سان وفادار آهي. نواز شريف ڏکين حالتن ۾ ذميواريون نڀائڻ تي مفتاح اسماعيل جي ڪوششن کي ساراهيو. ترجمان موجب وزيراعظم نواز شريف ۽ شهباز شريف اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزير لاءِ نامزد ڪيو آهي. اجلاس ۾ راءِ ڏني وئي ته موجوده حڪومت کي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پيدا ٿيل معاشي تباهي کي ختم ڪرڻ گهرجي. ذريعن موجب مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هو سومر تي پاڪستان پهچندو ۽ ناڻي واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندو. واضح رهي ته ان کان اڳ لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف ۾ سليمان شهباز جي رهائشگاهه تي ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. ٻن ڏينهن جي مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسحاق ڊار وزيراعظم سان گڏ پاڪستان روانو ٿيندو. اسحاق ڊاراڱاري ناڻي واري وزير طور حلف کڻندو.

پهنجو تبصرو موڪليو