ڪئناڊا ۾ طوفان فيونا تباهي مچائي ڇڏي، گهر ۽ گاڏيون ٻڏي ويون

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)سامونڊي طوفان فيونا ڪئناڊا جي اڀرندي ساحلي علائقن ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي.پرڏيهي خابرو اداري موجب طوفان سبب نووا اسڪوٽيا، پرنس ايڊورڊ آئيلينڊ ۽ نيو فائونڊ لينڊ جا ساحلي علائقا سخت متاثر ٿيا، اهو ئي نه پر طوفان جي شدت ايتري ته هئي جو لکين ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا، گهر ۽ گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون. ٻئي طرف فلپائن جي ٻيٽ لوزون ۾ سامونڊي طوفان نورو تباهي مچائي ڇڏي آهي.195 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان طوفاني برسات سبب وڻن، گهرن ۽ گاڏين کي نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو