ڪوشش هوندي ته ڪرندڙ معيشت کي روڪيون ۽ ان جو رخ صحيح ڪريون: اسحاق ڊار

لنڊن (م ڊ) (ن) ليگ جي اڳواڻ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سندس ڪوشش هوندي ته ڪرندڙ معيشت کي روڪيو ۽ ان جو رخ درست ڪريون پاڪستان چئن سالن کان جنهن ڪُن مان گذريو آهي اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي هڪ انٽرويو۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته الله جو خاص ڪرم آهي ته جنهن آفيس مان نڪري پنهنجي ميڊيڪل لاءِ لنڊن آيو هيس اڄ انهيءَ آفيس ۾ الله سائين واپس گهرايو آهي اسحاق ڊار چيو ته نوازريف جي اڳواڻي ۾ 2017 کان 2023 تائين اسان دنيا جي 18هين معيشت بڻجي رهيا هئاسين تمام گهٽ وياج جي شرح هئي ۽ گروٿ ريٽ به مٿي هئي. ٻيا مائڪرو انڊيڪٽرز بهرين ۽ بلند سطح تي هئا ۽ ناڻي مٽا سٽا جا ذّخيره بلند سطح تي هئا پاڪستاني رپيو به مستحڪم هو اسحاق ڊار چيو ته منهنجي خلاف 20 سالن جو ٽيڪس رٽرنز جمع نه ڪرائڻ جو جعلي ڪيس هو مان ڪڏهن به ٽيڪس رٽرن جمع ڪرائڻ ۾ دير نه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو