ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ عالمي رانديگرن جي پاڪستان آمد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ راندين جي فروغ ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ رنگ آف پاڪستان تحت عالمي رانديگر پاڪستان پهچي ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر کان ملتان، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ريسلنگ جا مقابلا ڪرايا ويندا، مقابلن ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جا مشهور ريسلرز حصو وٺندا.ريسلنگ ميچن مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو وڏو حصو ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪيو ويندو، انٽرنيشنل ريسلرز اڄ اسپورٽس ڪامپليڪس ملتان ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي ريسلرز به راجن پور جو دورو ڪندي ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا، ريسلرز 6 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ رنگ آف پاڪستان تحت فنڊ ريزنگ ۾ به شرڪت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو