بااثر جو قبرستان تي قبضو،ڀيل برادري جو احتجاج

سانگهڙ (ن س)سانگهڙ ڀرسان ٽنڊو مٺا خان ۾ بااثر شخص پاران قبرستان جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي جي خلاف ڀيل برادري جي ماڻھن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري قبضا مافئيا جي خلاف ناريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي راڻو ڀيل ڳورخو ڀيل .تيجو ڀيل ميگو ڀيل ۽ ٻين دانهيدي چيو ته ٽنڊو مٺا خان ڀرسان اسان جي پيارن جو صدين کان قبرستان آهي جتي ڪجھ بااثر ماڻھن پاران رات جي ڀيٽ ۾ قبرستان وٽ سرون ۽ سامان رکي کين گهر اڏڻ چاهين ٿا جيڪا سرار ظلم آهي هنن وڌيڪ چيو اها قبرستان صدين کان اسان جي ڀيل برادرين جو آهي جتي اسان جا وڏا انهي قبرن ۾ دفن ٿيل آهين جتي هن وقت بااثر ماڻھو قبضو ڪري کين گهر اڏڻ چاهين هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ نوٽس وٺي قبرستان جي زمين تي ڪيل قبضو خالي ڪرائي کين قبض مافيه جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو