فواد چوڌري ڊينگي جو شڪار،سندس وڪيل جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري ڊينگي جو شڪار ٿي ويو آهي. جنهن جو انڪشاف سندس وڪيل فيصل چوڌري طرفان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي قيادت خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عمران خان ۽ فواد چوڌري طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري پيش ٿيو.فيصل چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان مٿان قاتلاڻو حملو ٿيو آهي هو زخمي آهي کيس ڪجهه مهلت ڏني وڃي. جڏهن ته فواد چوڌري کي ڊينگي بخار آهي ان ڪري کيس 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي.تحريڪ انصاف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو