ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ واقعن تي ايندڙ 15 ڏينهن تائين شهر ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف سخت آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ جي. اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ايندڙ 15 ڏينهن تائين سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تيز ڪن.مراد علي. سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگرد تنظيمون ملڪ ۾ امن امان کي ٻيهر خراب ڪرڻ چاهين ٿيون، اسان پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ شهرن ۾ ٻيهر دهشتگردن کي جنم ڏيڻ نه ڏينداسين، سمورن انٽيليجنس ادارن کي روزاني جي بنياد تي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ گهرجي، پوليس ۽ رينجرز، اسٽريٽ ڪرائم خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي گشت ۽ نگراني کي وڌايو وڃي، مراد علي شاهه چيو ته پوليس ۽ رينجرز کي اهم هنڌن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جتي ڏوهارين جو انگ وڌيڪ آهي.
راز هاڻي کليو ته اسان جي قانون سازي آءِ ايم ايف جي مرضي سان ٿئي پئي
پهرين ملڪ جو سوچيو، ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻ جو نه سوچيو
اسٽيٽ بئنڪ ۾ اعليٰ ڀرتين لاءِ ٻٽي شهريت جي شرط ختم ڪرڻ جي مخالفت
ڪراچي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: مرتضيٰ وهاب
ماڻهن جي ڳچي تي هٿ رکڻ اظهار جي آزادي ناهي: ڪاڪڙ
سول نافرماني تحريڪ لاءِ عمران خان جي حڪم جو انتظار آهي: گنڊاپور
شانگله: پوليس چوڪي تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 4 زخمي
گهرو وزير جي سعودي هم منصب سان ملاقات، سيڪيورٽي تعاون تي ڳالهيون
حڪومت عالمن کي مولانا فضل الرحمان خلاف ويهاريو: حمدالله
ڪجهه ماڻهن کي مدرسن جي رجسٽريشن تي خدشا آهن: احسان افضل
اڃا ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب
خان 6 ۽ بشرا بي بي جي هڪ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ
پنجاب ۾ دهشتگردن جون ڪارروايون ناڪام، 16 ڄڻا گرفتار
100 انڊيڪس 1 لک 17 هزار پوائنٽس کان وڌي ويو
پاڪستان ۾ صنعتي ترقي منجمد ٿي چڪي: مزمل اسلم
غزه جنگ تي اسرائيلي وزيراعظم سان سان سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي
نيوزيلينڊ انگلينڊ کي آخري ٽيسٽ ۾ 423 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڪندر جو ٽيزر سلمان خان جي سالگرهه تي رليز ڪرڻ جو اعلان
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع