ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڪپتاني جي معاملي تي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن ۾ ٽن ڪپتانن هڪ ئي ڏينهن ٽيم جي ڪپتاني ڪئي.ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ڪپتان بابر اعظم بيمار ٿي پيو ۽ وائرل فلو سبب ميدان ۾ نه آيو، جڏهن ته سندس جاءِ تي نائب ڪپتان محمد رضوان کي ڪپتاني جون ذميواريون سنڀالڻيون هيون پر رضوان پليئنگ اليون جو حصو نه هو. رضوان فيلڊنگ لاءِ آيو ۽ ڪپتاني جي شروعات ڪئي جنهن تي تڪرار پيدا ٿيو جڏهن ته قومي ٽيم انتظاميا ان حوالي سان پي سي بي جي ضابطن کان بي خبر هئي. ميچ ريفري ۽ فيلڊ امپائر پاڪستاني ٽيم انتظاميا کي ٻڌايو ته آءِ سي سي جي ضابطن موجب متبادل رانديگر ڪپتاني نٿو ڪري سگهي. جنهن بعد سرفراز ڪپتاني ڪئي. جڏهن ته سرفراز ڪپتاني واري معاملي تي امپائر جي فيصلي خلاف رويو ورتو جيڪو درست ثابت نه ٿيو. سرفراز جي ڪپتاني به گهڻي دير برقرار نه رکي سگهي ۽ ڪپتان بابر اعظم طبيعت ۾ بهتري محسوس ڪندي 81 هين اوور ۾ ميدان ۾ پهتو ۽ ڪپتاني جون ذميواريون سنڀاليون. ڪراچي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي راند جاري آهي نيوزيلينڊ 3 وڪيٽن جي نقصان تي منجهند 2 وڳي تائين 327 رنز ٺاهي ورتيون هيون. پاڪستان پهرين اننگ ۾ بابر ۽ سلمان آغا جي سينچرين ۽ سرفرا جي ففٽي سبب 438 رنز ٺاهيون هيون.
ريڊ لائن بس پراجيڪٽ انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ طرف هڪ قدم آهي
هاڻي پاسپورٽ آفيس مان جلد پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي سڀني لاءِ آسان هونديون
پاڪستان ۽ ترڪي جي دوستي کي سرحدن جي ضرورت ناهي
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، انڊيڪس ۾ 210 پوائنٽس جي گهٽتائي
ڪراچي ۾ گرمي پد 9 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
اسٽيلينز چيمپئنز ٽي 20 ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو
بشرا بي بي جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور
سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري پنهنجي ساٿي کي قتل ڪري ڇڏيو
غزه ۾ فلسطيني ٽي وي چينل جي گاڏي تي حملو، 5 صحافي شهيد
پهرين ٽيسٽ: پاڪستان جي ڏکڻ آفريڪا خلاف بيٽنگ جاري
سلمان خان ورون ڌون جي فلم کي پر لڳائي ڇڏيا،اچانڪ انٽري
سنڌيار سکر 26 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 26 ڊسمبر 2024ع
صدارتي عهدي سبب آصف علي زرداري جا ٻڌل هٿ
ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي:خاقان عباسي
ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور
پ پ 15 سالن کان آهي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي
فوجي ٺڪاڻن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل فوجي عدالتون ڪنديون: حڪومت
آرمي چيف پاران مسيحي برادري کي تهوار جي مبارڪباد پيش