ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪين وليمسن جي ڊبل سينچري ۽ ايش سوڍي سان شاندار پارٽنرشپ سبب نيوزيلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان خلاف پهرين اننگز 612 رنسن تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي ۽ 174 رنسن جي مجموعي برتري حاصل ڪري ورتي. ڪراچي ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن نيوزيلينڊ پنهنجي پهرين اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 440 رنسون ٺاهي ٻيهر شروع ڪئي، ڪين وليمسن 105 ۽ ايش سوڍي هڪ رنس تي ٻيهر بيٽنگ شروع ڪئي. ٻنهي رانديگرن ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستاني بالرن جو ڀرپور امتحان ورتو. ٻنهي 159 رنز جي پارٽنرشپ ڪئي ته ڪيريئر جو وڏو اسڪور ڪندڙ سوڍي 65 رنسون ٺاهي ابرار جو شڪار بڻيو. ان کان اڳ سوڍي جي بيٽ جي مٿانهين حصي کي ڇهندي بال ڪيپر وٽ ويو پر ڪنهن اپيل ئي نه ڪئي هئي. نائين وڪيٽ به جلد پاڪستان کي ملي پر جيئن ئي وليمسن جي ڊبل سينچري مڪمل ٿي ته هنن اننگ ڊڪليئر ڪئي. ابرار احمد پنج وڪيٽون ورتيون. پاڪستان ٻئي اننگ شروع ڪئي ۽ ٻن وڪيٽن تي 77 رنز ٺاهيون. امام الحق 45 ۽ نعمان علي 4 رنز تي ڪيريز تي موجود آهن. سڀاڻي آخري ڏينهن آهي ۽ ميچ ڊرا ٿيڻ جو امڪان آهي.
ريڊ لائن بس پراجيڪٽ انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ طرف هڪ قدم آهي
هاڻي پاسپورٽ آفيس مان جلد پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون جيڪي سڀني لاءِ آسان هونديون
پاڪستان ۽ ترڪي جي دوستي کي سرحدن جي ضرورت ناهي
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، انڊيڪس ۾ 210 پوائنٽس جي گهٽتائي
ڪراچي ۾ گرمي پد 9 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
اسٽيلينز چيمپئنز ٽي 20 ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو
بشرا بي بي جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور
سڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري پنهنجي ساٿي کي قتل ڪري ڇڏيو
غزه ۾ فلسطيني ٽي وي چينل جي گاڏي تي حملو، 5 صحافي شهيد
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ اڄ کيڏي ويندي
سلمان خان ورون ڌون جي فلم کي پر لڳائي ڇڏيا،اچانڪ انٽري
سنڌيار سکر 26 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 26 ڊسمبر 2024ع
صدارتي عهدي سبب آصف علي زرداري جا ٻڌل هٿ
ڪو به صوبو ڪنهن ٻئي صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي:خاقان عباسي
ديني مدرسن جي رجسٽريشن وارو مامرو، نئون آرڊيننس آڻڻ تي غور
پ پ 15 سالن کان آهي ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي سگهي
فوجي ٺڪاڻن تي حملو ٿيندو ته ٽرائل فوجي عدالتون ڪنديون: حڪومت
آرمي چيف پاران مسيحي برادري کي تهوار جي مبارڪباد پيش