وسيم اڪرم جو پٽ تيمور اڪرم ميڪس مارشل آرٽ فائٽر بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم جو پٽ تيمور اڪرم ميڪس مارشل آرٽس (ايم ايم اي) فائٽر بڻجي ويو. وسيم اڪرم هڪ ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي چيو ته تيمور تازو ئي هڪ فائٽ ۾ حصو ورتو هو ۽ ايم ايم اي جو فائٽر بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته منهنجو پٽ تيمور آمريڪا ۾ رهندو آهي جتي ڪرڪيٽ گهڻو ناهي. سوئنگ جي سلطان اهو به چيو ته مون پنهنجي ٻارن کي اهو حق ڏنو آهي ته هو اهڙي زندگي گذارين جيڪي هو چاهين ٿا ته هو فائٽر ٿيڻ چاهين ٿا ته پوءِ انهن کي ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو