مڪي آرٿر انٽرنيشنل ليگ کي خطي لاءِ گيم چينجر قرار ڏئي ڇڏيو

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ مشهور ڪوچ مڪي آرٿر هن وقت امارات انٽرنيشنل ليگ جون ميچون ڏسڻ لاءِ دبئي ۾ موجود آهي ۽ ليگ جي معيار کي خطي لاءِ گيم چينجر قرار ڏئي رهيو آهي.مڪي آرٿر جو خيال آهي ته اعليٰ پرڏيهي ڪرڪيٽر ۽ نامور ڪوچ اماراتي ٽيم کي ورلڊ ڪلاس ٽيم بڻائيندا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر پراسپيڪٽ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته امارات ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ليگ يو اي اي کي مضبوط ٽيم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندي جڏهن ته مقامي رانديگرن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي.مڪي آرٿر چيو ته امارات ۾ پرڏيهي رانديگرن جو وڏو انگ آهي پر هن ليگ سان امارات ڪرڪيٽ بورڊ کي فائدو ٿيندو، ڪجهه وقت اڳ جڏهن انگلينڊ ۾ برفباري ٿي رهي هئي ته ٽي وي تي بگ بيش جون ميچون ڏسي رهيو هوس، بنگلاديش دبئي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ ميچن مان لطف اندوز ٿيو، هن چيو ته هن ٽورنامينٽ ۾ اعليٰ ڪوچز آهن جيڪي رانديگرن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته امارات ۾ هڪ بهترين ٽورنامينٽ هلي رهيو آهي جنهن ۾ مشهور معيار جا رانديگر ايڪشن ۾ آهن، مان شارجه کان ئي امارات ڪرڪيٽ کي فالو ڪري رهيو آهيان پر آءِ ايل ليگ ۾ مقامي ٽيلينٽ ڏسي خوشي ٿي آهي، مصطفيٰ ڪمال جو رانديگر نمي بيٽسمين آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ليگز ٿي رهيون آهن جن مان مقامي رانديگرن کي فائدو پهچي رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ان جا بهترين مثال آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو