سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب غلام مرتضيٰ تبسم کي اي آءِ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذيشان شفيق صديقي کي اي آءِ جي انٽرنل اڪائونٽنٽيبليٽي بيورو مقرر ڪيو ويو آهي.جنيد احمد شيخ کي اي آءِ جي موٽر ٽرانسپورٽ سنڌ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته خالد مصطفيٰ ڪورائي کي ايس ايس پي ايس آءِ يو مقرر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ شڪيل احمد سرفراز کي ايس ايس پي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن برانچ ٽو مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو