سيڪورٽي فورسز جي اهللڪارن خلاف ڪيس داخل، سڪرنڊ ڌرڻو ختم

سڪرنڊ(ن س) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻن جا قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو جاري رهيو، ڌرڻي ۾ زين شاهه سوڌو قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، زين شاهه سڀاڻي کان سموري سنڌ ۾ روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي دوران مارجي ويلن ۾ اڪن، سندس ڀاءُ نظام الدين، سجاول، امام بخش ۽ ميهار جلباڻي شامل آهن،انظاميه طرفان ڌرڻي ويٺلن سان ڳالهيون ڪيو ويون جيڪي ڪامياب ٿيون،نگران وڏي وزير جي هدايت تي ڪمشنر نوابشاه متاثرن سان ڳالهيون ڪيون

پهنجو تبصرو موڪليو