دهشتگردي جون شقون ختم، گنڊاپور 2 ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي 1 ڏينهن جي جسماني رمانڊ کانپوءِ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۽ پوءِ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس چيو ته ڪيس مان دهشتگردي جون شقون ختم ڪيون ويون آهن. اي ٽي سي جي جج علي امين گنڊاپور کان پڇاڻو ڪيو ته توهان تي تشدد نه ڪيو ويو؟ علي امين گنڊاپور عدالت ۾ جواب ڏنو ته مون تي ڪو به تشدد ناهي ڪيو ويو. جج چيو ته علي امين گنڊاپور کي دهشتگردي جي شق ختم ٿيڻ کانپوءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. معاون وڪيل چيو ته اسان جي درخواست آهي ته بابر اعواڻ اچڻ وارو آهي، ٿورو انتظار ڪيو. جج پڇاڻو ڪيو ته دهشتگرديءَ جون شقون ختم ڪيون ويون، ڇا توهان چاهيو ٿا ته دهشتگرديءَ جون شقون ختم نه ٿين؟ معاون وڪيل چيو ته اسان دليل ڏيڻ چاهيون ٿا ته پهرين دهشتگردي جي شق لاڳو ڪري عدالت جو وقت ڇو ضايع ڪيو ويو. اي ٽي سي جي جج راجا جواد عباس چيو ته ڌرين کي ٻڌڻ ۾ 10 منٽ لڳن ٿا. ان موقعي تي پرويز خٽڪ، اسد قيصر ۽ بابر اعواڻ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهچي ويا. علي امين گنڊاپور جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت جي سامهون چيو ته جاچ آفيسر ڪالهه عدالت جو وقت ضايع ڪيو، وڪيلن جو به وقت ضايع ڪيو، جوابدارن جي توهين ڪئي، علي امين گنڊاپور خلاف خانگي چينل مدعي ناهي. وڪيل بابر اعواڻ استدعا ڪئي ته عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي، 6 مهينن کانپوءِ مئجسٽريٽ ڪوڙ تي ٻڌل ڪيس داخل ڪيو، ڪيس جو مدعي 6 مهينن کان ننڊ ۾ آهي.
علي امين جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ٿيو
جنهن بعد علي امين گنڊاپور کي جڊيشل مئجسٽريٽ احتشام عالم جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.علي امين گنڊاپور جو وڪيل بابر اعواڻ به عدالتي ڪمري ۾ پهتو.جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت اي ٽي سي مان علي امين گنڊاپور جي ڪيس جي فائل وصول ٿيڻ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. بعد ۾ جاچ آفيسر جي درخواست تي ٻن ڏينهن لاءِ سندس جسماني رمانڊ منظور ڪندي پوليس حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو